خليل مورياڻي

خليل مورياڻي

خليل مورياڻي

خليل مورياڻي: نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي آهي. هن 18 جنوري 1949ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي هال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. 1965ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، 1969ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1972ع ۾ ايم. اي
(پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. ادبي مطالعي جو ذوق کيس اسڪول واري زماني کان ئي رهيو، ڪيترائي مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين، سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آهي. 1973ع ڌاري هن سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتان جنوري 2009ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. 1984ع ڌاري قائم ڪيل شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي. 2 مئي 1985ع ۾ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا: (1) ’شڪارپور سونهن جو شهر‘ (1996ع)، (2) ’شڪارپور- تاريخ ۽ تحقيق‘ (2004ع)، (3) ’ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون‘ (نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: 2010ع). (4) موهن جو دڙو (2011ع).
خليل مورياڻيءَ 1984ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن نالي اشاعتي ادارو قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘شايع ڪيو هو.
خليل مورياڻيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن: (1) ’صدين جو سرجڻهار- شيخ اياز‘، (2) “Historical Romance of Shikarpur”.


لفظ خليل مورياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو